اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب عوام توهان جي اصليت ڄاڻي چڪي آهي، بجيٽ جا ڪوڙا انگ اکر ٻڌائڻ توهان جي عادت بڻجي چڪي آهي، حڪومت مالي سال 22 -2021ع ۾ سڌا سنئوا?? نوان ٽيڪس ناهن لڳايا، عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ 5 لک روپيا بنا وياج جي قرض ڏنو پيو وڃ??، انهن قدمن سان تقريبن اڍائي ڪروڙ ماڻهو ??عاشي طور تي مستحڪم ٿيندا، هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته اين ايف سي کان ملندڙ 16 سئو ارب روپين کان وڌيڪ جا فنڊ ڪٿي استعمال ٿيا.؟