اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي سمورن علائقن جي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ڪن??ي هن گلگت بلتستان ۾ ٺهندڙ نئين ح??ومت کي مبارڪباد ڏني ۽ علائقي جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. صدر چيو ته گلگت بلتستان انتهائي خوبص??رت علائقو آهي، هتي سياحت سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گلگت ايئرپورٽ جي توسيع جي حوالي سان هڪ منصوبي تي غور ڪري رهيو آهي جنهن جو ڊرافٽ گلگت بلتستان ح??ومت سان شيئر ڪيو ويندو.