اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڊسڪا فائرنگ واقعي ۾ ڪ??رڪنن جي قيمتي جانين جي زيان تي انتهائي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??ندي چيو آهي ته اهو واقعو ثبوت آهي ته (ن) ليگ ڌوئونس، ڌانڌلي، تشدد ۽ غنده گردي ??ي سياست تي يقين رکي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته ليگي جٿن پولنگ اسٽيشنن کي يرغمال بڻائي ووٽ جي عزت کي پائمال ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊن ۾ شفافيت جڏهن ته مخالف ڌر خريد ۽ وڪري ۽ پئسي ??ي سياست جو تسلسل چاهي ٿي.