اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 71 ماڻهو فوت ٿ??ا، نئين سال ۾ به ??ورونا جا وار جاري رهيا. جمعي ڏينهن اين سي او سي جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ و??يڪ 2 هزار 463 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃ??ڻپ ٿي، فوت ٿيندڙن مان 61 ماڻهو اسپتالن ۾ علاج هيٺ هئا، چئن وڏن شهرن جا مريض وينٽيلٽرز تي موجود آهن، اسلام آباد جا 38 سيڪڙو، جڏهن ته ملتان 37 سيڪڙو مريض وينٽيلٽرز تي آهن، پهرين جنوري 2021ع تائين پاڪستان ۾ 34 هزار 763 ڪورونا جا ايڪٽو ڪيس آهن، اين سي او سي موجب ??ن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 4 لک 82 هزار 178 ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿ??ا، جنهن مان 4 لک 37 هزار 229 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي چڪا آهن.