اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ??اڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيني سفير سان ڳالهائيندي ??يو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهن، ٻنهي دوست ملڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيد??ري ??ي هموار آهن. ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان ??ضبوط ٿي رهيا آهن، چين ۽ پاڪستان علائقائي ۽ عالمي معاملن ??ي هڪجهڙو موقف رکندڙ آهن ۽ ٻنهي دوست ملڪن علائقائي۽ عالمي فورمن ??ي هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.