درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ گائيڊ لائين تيار ڪري ورتي آهي: سيد علي ظفر

image
APP49-09 ISLAMABAD: August 09 - Caretaker Federal Minister for Information, Broadcasting, National History & Literary Heritage Barrister Syed Ali Zafar talking to media persons after inaugurating Photographic Exhibition on "Flashes of Pakistan's History" organized by Directorate of Electronic Media & Publications at Lok Virsa. APP Photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مدت جي دوران توانائي، صحت، تعليم، معيشت سميت هر شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ متوازن گائيڊ لائينون تيار ڪري ورتيون آهن جيڪي نئين چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون. هو لوڪ ورثا ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو، ڊي جي ڊيمپ سردار عبدالواحد، ڊي جي لوڪ ورثه سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا عملدار به تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزير بئريسٽر سيد علي ظفر ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز طرفان پاڪستان تاريخ جي حوالي سان تاريخي نمائش جي انعقاد کي ساراهيندي چيو ته هڪ تاريخي نمائش جو انعقاد ڪيو ويو آهي هي نمائس ڇهه ڏينهن تائين جاري رهندي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد