اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام کي ڪرونا وائرس جي وبا کان محفوظ رکڻ ۽ ان جي ل??ءِ رليف جي فراهمي وزيراعظم عمران خان جي اولين ترجيح آهي، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي راهه ۾ ايندڙ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صوبن سان تعاون ۽ هم آهنگي سان اڳتي وڌندي م??تح?? ماڻهن جي گهرن تائين پهچنداسين، صنعت جو مرحليوار ڦيٿو هلائڻ جي ل??ءِ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جون سفارشون به ڪ??بي??ا آڏو رکيون وينديون.