اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مالي ۽ ڊجيٽل شموليت جي ذريعي عورتن کي مالي طور تي بااخت??ار بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، عورتن کي بااخت??ار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، عورتن کي مالي طور تي بااخت??ار بڻائڻ ۾ حڪومت، سمورا لاڳاپيل ادارا، حصيدار ۽ معاشرو پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن يو اين ويمن ۽ عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن (اين سي ايس ڊبليو) جي اهتمام هيٺ ”نيشنل جينڊر پورٽل“ جي افتتاح جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
صدر مملڪت ڪمپيوٽر ڪلڪ جي ذريعي پورٽل جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چ??و ته ڊيٽا پورٽل جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي، ڇو ته ڊيٽا کانسواءِ موثر پاليسي سازي ممڪن نه آهي، صدر چ??و ته اسلام پهريون مذهب هو جنهن 14 سئو سال پهرين عورتن کي انهن جا حق ڏنا. قرآن ڪريم ۾ عورتن کي وارثت جا حق ڏيڻ جو حڪم آهي جيڪو عورتن کي بااخت??ار بڻائي ٿو. صدر چ??و ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح به عورتن کي بااخت??ار بڻائڻ جو حامي هو ۽ هُن جو چوڻ هو ته جيستائين اسان پنهنجي عورتن کي بااخت??ار نه بڻائينداسين ان وقت تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چ??و ته عورتن کي بااختياربڻائن جي لاءِ وراثت ۾ ان جو حق ضرور ڏيڻ گهرجي، پاڪستان ۾ وراثت جو قانون پهرين ??ان موجود آهي تنهن هوندي به ان جي موثر لاڳو لاءِ عملي قدمن سان گڏوگڏ عورتن ۽ شهرين ۾ قانون جي باري ۾ آگاهي به ضروري آهي. صدر چ??و ته خاتون محتسب ۽ صوبائي سطح تي عورت محتسبن جي ذريعي وراثت جي قانون تي موثر عملدرآمد ٿي سگهي ٿو، شهرين کي ان باري ۾ علم هجڻ گهرجي حڪومت جيڪي قانون ٺاهيا آهن ان موجب ڪنهن به عورت جي جائيداد تي قبضي کي محتسب خالي ڪرائڻ جو اخت??ار رکي ٿي. صدر عورتن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چ??و ته عورتن ۽ ٻارڙين کي تعليمي موقعن جي فراهمي ۾ حڪومت سان گڏوگڏ خاندان ۽ معاشري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسڪولن مان ڇوڪرين جي نڪرڻ جي شرح وڌيڪ آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن،
صدر چ??و ته عورتن کي بااخت??ار بڻائڻ ۾ انهن جي صحت جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، عورتن کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ضروري آهي، صدر عورتن کي بااخت??ار بڻائڻ ۾ احساس پروگرام جو خصوصي طور تي ذڪر ڪندي چ??و ته احساس پروگرام تحت عورتن کي روڪ مدد جي ذريعي بااخت??ار بڻايو پيو وڃي، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته ڪاروبار لاءِ حاصل ڪيل قرض جي واپسي جي شرح عورتن ۾ وڌيڪ آهي. احساس پروگرام تحت ايندڙ مرحلي ۾ عورتن کي ڌار ڌار بئنڪ اڪائونٽس جي قيام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن هو خاندان جي دٻاءُ ??ان آزاد ٿي ڪري مالي طور تي خودمختياري حاصل ڪري سگهي. مالي ۽ ڊجيٽل شموليت جي ذريعي عورتن کي مالي طور تي بااخت??ار بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، صدر چ??و ته ناخوانده عورتن کي هنر فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، انهي هنر کي استعمال ڪندي اڻ پڙهيل عورتون معاشي خودمختياري جي منزل جلد حاصل ڪري سگهن ٿيون. صدر چ??و ته اها ڳالهه انتهائي ضروري آهي ته معاشرو عورتن کي پيداواري عمل ۾ شموليت جا موقعا فراهم ڪري، پاڪستان مسلسل تبديلي جي طرف گامزن آهي ۽ مون کي اميد آهي ته عورتن کي مالي طور تي بااخت??ار بنائڻ ۾ حڪومت ، سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ حصيدار پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندا.