اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اقليتن جي قومي ڏينهن تي آئون پنهنجي غيرمسلمان ??اڪستانين کي قوم سان گڏجي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ??و. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اقليتن ملڪ جي سماجي ۽ اقصتادي ترقي جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. پاڪستان جو نظريو اسان جي اقليتي برادرين کانسواءِ اڻ مڪمل آهي جيڪ?? پاڪستاني قوميت جو لازمي جز آهي. هن چيو ته آئون ان ڏينهن اهو وچن به ڪريان ??و ته انهن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ، انهن جي شموليت، ترقي ۽ بهتري جي لاءِ ڪم ڪندو رهندس.