اسلام آباد – 09 – جون (اي پي ??ي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت مواصلات ڊويزن جي 3 جاري ۽ 3 نئين منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 360.390 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن پي ايس ڊي پي جي جاري دستاويزن موجب مواصلات ڊويزن جي 3 جاري منصوبن جي ??اءِ 184.290 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جن ۾ ڪنسٽرڪشن ٽيڪنالاجي ??ريننگ انسٽيٽيوٽ (سي ٽي ٽي آئي) اسلام آباد ۾ 200 شاگردن جي ??اءِ هاسٽل جي تعمير، رحيم يار خان انٽرچينج ايم – 5 تي ايس ايس ٽي آفيس ۽ ٻين سهولتن جي تعمير، شير شاهه انٽرچينج ايم – 5 سيڪٽر 1 تي سهولتن جي تعمير جا منصوبا شامل آهن. 3 نئين منصوبن جي ??اءِ 178.100 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ج?? ۾ ??يخوپوره انٽرچينج جي تعمير جي ??اءِ 106 ڪينال 15 مرلا زمين جي خريداري جي ??اءِ ٽانڪ پوسٽ ماسٽر جي رهائشگاهه ۽ جي ??ي او جي تعمير ۽ اي – 35 مانسهره جي ??اءِ ايس ايس پي آفيس جي تعمير جا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن.