اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب ناليواري اداڪار، هدايتڪار ۽ ميزبان ضياءَ م??ي الدين ج?? لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضيآءَ م??ي الدين هڪ اهڙو ادبي شخصيت هو جنهن جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي عالمي شهرت نصيب ٿي. پنهنجي تعزيتي بي??ن ۾ هن چيو ته ضيآءَ م??ي الدين پاڪستان کان ٻاهر وڃي به ٿيٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. هن پاڪستان ٽيليويزن تان ”??ائ??“، ”چچا ڇڪن“، ”ضياءَ سان گڏ“ ۽ ”جو جاني وه جيتي“ جهڙا مشهور پروگرام پيش ڪيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنهنجي خوبصورت آواز ۾ اردو ادب جا فن پارا پيش ڪري ضياءَ م??ي الدين وڏو نالو ڪمايو. مرحوم جي شوبز انڊسٽري ج?? لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن ضياءَ م??ي الدين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.