??صر – 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ فرانس جي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جي وچ ۾ ??صر ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ ان موقعي تي موجود هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فرانس پاران ??اڪ??تان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد تي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جا ٿورا مڃيا. ??اڪ??تان ۽ فرانس جي پرڏيهي وزيرن موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هلڻ ??ي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي فرانسيسي پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ ??اڪ??تان جي عالمي امداد جي حوالي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.