نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ ڀرپور وڪالت ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي مسئلي جي حل لاءِ فوري قدمن طرف دنيا جو ڌيان ڇڪر??ئڻ تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتر??س جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ ڀرپور وڪالت ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي مسئلي جي حل لاءِ فوري عمل جوڳي قدمن جي لاءِ دنيا جو ڌيان ڇڪر??ئڻ تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتر??س جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته عالمي برادري موسمياتي تبديلي جي مسئلي ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي.