اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي ميمبر راجا ??رويز اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ سردار اياز صادق چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان س??ري پنهنجي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ان جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڄ جي ايجنڊا ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ائٽم تي عملدرآمد نه ٿيندو. سردار اياز صادق چيو ته اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر راجا ??رويز اشرف جو نالو ڏنو جنهن جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا ان لاءِ راجا ??رويز اشرف کي بنا مقابلي اسپيڪر چونڊيو وڃي ٿو. بعد ۾ سردار اياز صادق نئين چونڊ??ل اسپيڪر راجا ??رويز اشرف کان س??دس عهدي جو حلف ورتو.