حڪومت آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع بابت ڪيس ۾نظرثاني واري درخواست داخل ڪئي آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

image
APP62-26 ISLAMABAD: December 26 – Special Assistant to PM on Information & Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan cutting a cake while celebrating the 8th Anniversary of Nai-Baat/Neo TV. APP

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع بابت ڪيس جي تفصيلي فيصلي تي نظرثاني واري درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اپيل ۾ اعلي عدليه جي فيصلي ۾ موجود قانوني جهولن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، نظرثاني اپيل کانپوءِ به پارليامينٽ وارو آپشن موجود آهي، اي اين ايف راڻا ثناءُ الله جي ضمانت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪندي، ميڊيا ۾ ملزم جو نه اي اين ايف جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، اي اين ايف اهم قومي ادارو آهي ان کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، جلالپور ڪينال جي تڪميل سان علائقي ۾ خوشحالي جي نئين لهر ايندي. هو صحافين سان ڳالهائي رهي هُئي.

مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا