اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پائليٽ پراجيڪٽ جي طور تي بلوچستان صوبي ۾ ٻه ۽ خيبرپ??تو??خوا صوبي ۾ هڪ بارڊر مارڪيٽ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کي فيبروي تائين مڪمل ڪري فعال ڪيو ويندو، سرحدن جي ذريعي ٿيندڙ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان وڌيڪ موثر قدم کڻڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي، پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدي علائقن۾ سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده، ڊاڪٽر عبدال??في?? شيخ، عبدالرزاق دائود، خيبرپ??تو??خوا جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، خاص مددگار ل??فٽ??نيٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سميت ٻين سول سينئر ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي.