اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته ڪراچي جي ??وام کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي قدم کڻي ر??ي آه??، ڪي اليڪٽرڪ کي 200 ميگاواٽ اضافي بجلي جي پيداوار لاءِ وڌيڪ 30 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏينداسين، نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو سنڌ حڪومت نامزد ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ان جي ??لاف ٺوس ڪارروائي ڪري، نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي سڀاڻي ٻڌڻي آه??، ڪراچي ۾ غفلت سان پاڻي بيهڻ سان حادثن جي ??ميدارن جي ??لاف سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪري. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين ميمبرن جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چئي، عمر ايوب چيو ته نيپرا ڪابينا ڊويزن تحت اچي ٿ??، ڪي اليڪٽرڪ جو مسئلو سالن کان آهي، موجوده حڪومت ڪراچي کي بجلي جي ??پلائي جي معاملي تي ڪم ڪري ر??ي آهي، هن وقت تائين ڪراچي کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن ٻارڻ ۽ 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڪراچي جي ??وام جي ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ ??و سسٽم اهڙو ناهي جو نيشنل گرڊ کان وڌيڪ بجلي حاصل ڪري سگهي، ڪراچي ايسٽ ۽ ويسٽ ۾ ٻه گرڊ اسٽيشن ٺاهيا پيا وڃن.