اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ج?? صورتحال ۾ ترتيبوار نرمي ڪئي پئي وڃي، ماڻهو مارڪيٽ ۽ بازارن ۾ وڃڻ وقت هڪ ذميوا?? شهري هجڻ جو ثبوت ڏين ۽ حڪومت پاران جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري پاڻ به محفوظ رهن ۽ ٻين کي به محفوظ رکن. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽر اڪائو??ٽ تان جاري پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ ڪجهه احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.