اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪا جي صد?? ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي ڪورونا وا??رس (ڪوويڊ 19) بابت چئ??ين??ن، عالمي معيشت تي ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۾ ڪورونا وا??رس جي ڪري وڏي پئماني تي جاني نقصان تي آمريڪي صد?? سان هم??رد?? ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.