نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??گر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي ??چ ۾ هٿيارن جي غيرضروري ڊوڙ جي خاتمي لاءِ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي عملدرآمد تمام گهڻو ضروري آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي ??وقعي تي ”الجزيره“ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ??گر??ن پرڏيهي وزير چيو ته انهن قراردادن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان ??طي جي امن تي سڌوسنئون اثر پئجي رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي ترقي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) پڻ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن جي ڏس ۾ ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي ??چ ۾ سڀ کان ??هم ۽ بنيادي مسئلو آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي امنگن موجب غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته قراردادن کي 70 سال اڳ منظور ٿيڻ جي باوجود انهن تي عملدرآمد نه ٿيو. هن نشاندهي ڪئي ته ڪشمير گهيراءُ ۾ آهي ۽ واديءَ ۾ 7 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي ??قرر آهن، والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي انساني حقن جون بدترين سنگين خلاف ورزيون درپيش آهن. ڪشمير کي انساني جيل قرار ڏيندي هن چيو ته ماڻهن کي انهن جي ??نصفاڻي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي ڀارت نظربند ڪري رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ان ??ڪرار تي جنگيون وڙهي چڪا آهن ۽ اهو مسلسل ڇڪتاڻ جو سبب آهي. ??گر??ن پرڏيهي وزير چيو ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي ??راردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي جيڪي ڊگهي عرصي کان ??لتوا جو شڪار آهن. اهو پڇڻ تي ته ڇا ڪشمير جي آزمائش جي ??لسطين سان ڀيٽ ڪري سگهجي ??ي، هن چيو ته ٻنهي کي انصاف کان ??نڪار کي منهن ڏيڻو پيو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ??وقعي تي نيويارڪ ۾ او آءِ سي جي ??لسطين بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت جو ذڪر ڪيو جتي هن فلسطين جي عوام سان پاڪستان جي ??ڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڪشمير ۽ فلسطين بابت گڏيل قومن جي ??راردادن تي جلد عملدرآمد تي زور ڏنو. موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن بابت ڳالهه ڪندي هن چيو ته اهو پاڪستان جي ??اءِ هڪ وڏو چئلينج آهي ڇو ته اهو 10 سڀ کان وڌيڪ منفي طور تي متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن گذريل سال پاڪستان کي ٿيندڙ وڏي نقصان ??و ذڪر ڪيو جنهن ۾ فصل، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کانسواءِ 30 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. ??گر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي کانپوءِ انتهائي مددگار ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي ??اءِ جنيوا ۾ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ان ??ا ٿورا مڃيا.