اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين ميان رضا رباني مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر نهال هاشمي جي استعيفيٰ جي حوالي سان فيصلو اڄ اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ٻڌائيندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پريس رليز موجب سينيٽر نهال هاشمي ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ چ??ئرمين جي چيمبر ۾ درخواست جمع ڪرائي ته هو سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفا واپس وٺڻ چاهي ٿو جيڪا هن 31 مئي 2017ع تي ڏني هئي، هي معاملو سينيٽ چ??ئرمين جي غور هيٺ آيو ان تي فيصلو اڄ اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ٻڌائيندو.