اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) تعليم بابت ??فا??ي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان تي جيڪي تعل??مي ذميواريون آهن انهن تي گڏجي ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي تبديل ٿيندڙ گهرجن مطابق ٽيڪنالوجي جو استعمال اسانجي پهرين ترجيع آهي. جمعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ??فا??ي تعل??مي بورڊ جي انتظام هيٺ انٽرميڊيئيٽ پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جي نتيجن جي اعلان جي تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي هن ڪامياب ٿيل شاگردن جي والدين ۽ استادن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ??فا??ي تعليم بورڊ کي تعل??مي نتيجا وقت سر جوڙڻ لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙيون تقريبون پاڪستان لاءِ هوا جو جهونڪو آهن . اسانجا نوجوان باصلاحيت آهن ۽ سندن اها ڪاميابي قوم جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم موڙ تي آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن خوش قسمت ملڪن ۾ شامل آهي جتي آب??دي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسانجي ملڪ جي آب??دي جو 15 کان 18 ڪروڙ حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اسان کي انهن نوجوانن کي زندگي جي هر شعبي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ انهن ئي نوجوانن جي مدد سان اسان ترقي ڪري سگهون ٿا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته نوجوان اسانجو مستقبل آهن ۽ اهو يقين سان چوان ٿو ته اسانجو اهو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالوجي وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسانکي به وقت جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ٽيڪنالوجي جو صحيع استعمال سکڻو هوندو. هن چيو ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو ٽيڪنالوجي جو استعمال آهي. تقريب ۾ اسيمبلي ميمبرن پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن، سندن والدين، استادن، وزارت تعليم ۽ تعل??مي بورڊ جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.