اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيد??ن تي لاڳو نه هو??دي. سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا، دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهار??ن تي به لاڳو نه هو??دي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن، قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهار??ن تي به لاڳو نه هو??دي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي لاڳو نه هو??دي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪا??ي ڇڏيندڙ 65 سالن کان وڏي عمر جي مرد قيد??ن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هو??دي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪا??ي ڇڏيندڙ 60 سال کان وڏي عمر جي عورت قيد??ن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هو??دي. ٻارن سان گڏ جيل ۾ موجود عورت قيد??ن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هو??دي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو سزا ڪا??ي ڇڏيندڙ 18 سال کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي لاڳو هو??دي.