اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آمريڪا سان حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ريسر?? اينڊ انڊوومينٽ فنڊ ۾ زرعي يونيورسٽي ??اء?? آمريڪا جي تعاون کي ساراهيون ٿا. آمريڪا سا?? زرعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، پيداوار وڌائڻ ??اء?? زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ضرورت آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان جي نئي?? زرعي مصنوعات کي آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي، ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۾ سماجي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون جاري رکنداسين، پاڪستان ۾ يونيسيف سان گڏجي غذائي کوٽ پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪستان سا?? زرعي شعبي ۾ تعاون وڌايو ويندو، آمريڪا زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ??اء?? پاڪستان جي مدد ڪندو.