اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان عر??ق جي سفير عباس لفته ملاقات ڪئي جنهن ۾ عر??ق ويندڙ پاڪستاني زائرين کان داخلا پاسپورٽ نه وٺڻ، اربعين جي موقعي تي ٽريول ايجنٽن بدران عر??قي سفارتخاني طرفان پاڻ زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ، اربعين جي ڪوٽا ۾ اضافي ۽ خصوصي اڏامن ج?? شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته هلندڙ سال گذريل سال کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا ويندا، زائرين جي وڌيڪ سهولتن لاءِ ڪراچي ۾ عر??قي قونصليٽ کي ٻيهر اوپن ڪرڻ لاءِ اڄ ئي سمورا معاملا حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته گهرو وزارت ان ڏس ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اربعين جي موقعي تي پاڪستاني زائرين لاءِ ويزا فيس ختم ڪرڻ لاءِ گهرو وزير پنهنجي عر??قي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪندو. ملاقات ۾ عر??ق ۾ قيد پاڪستانين جي وطن واپسي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته زائرين کان وڌيڪ فيس چارج ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو ويندو. ملاقات ۾ ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽ تي ويزا جي ڇوٽ جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي زائرين جي سهولت لاءِ قدمن تي عر??قي گهرو وزير ۽ عر??قي سفير جو ٿورو مڃيو. گهرو وزير چيو ته هوائي سفر ذريعي عر??ق ويندڙ زائرين کان پاسپورٽ نه وٺڻ جي فيصلي سان وڏي سهولت ملندي. عر??قي سفير چيو ته پاڪستاني زائرين کي ٻين ملڪن جي برابر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. عر??قي سفير عر??ق جي گهرو وزير طرفان گهرو وزير محسن نقوي کي عر??ق جي دوري جو دعوت نامو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير محسن نقوي فو??ي طور تي ايوي ايشن واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رابطو ڪيو جنهن ۾ عر??قي ايئر لائين کي اڄ کان ئي خصوصي اڏامون هلائڻ جي اجا??ت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. عر??قي ايئر لائن کي اڄ ئي باضابطه طور تي خصوصي اڏمون هلائڻ جي اجا??ت ڏني ويندي. پي آءِ اي جون به خصوصي اڏامون عر??ق لاءِ هلايون وينديون. حتمي شيڊول اڄ تائين جاري ڪيو ويندو.