ڪراچي -05 آگسٽ (اي پي ??ي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جون سسموريون اٽڪلون آزمائي چڪو آهي، پر مظلوم ڪشميرين جي خودمخت??ار?? واري حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مط??بق پي ??ي پي جي چيئرمين يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪرڻ ذريعي دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته هو رياستي ظلم تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي ڄاڻايل قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران کنيل قدمن گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمورن عالمي فورمن تي ڪشم??ري عوام جي حقن جي وڪالت جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي منه?? ڏيڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي ۽ ڪشم??ري عوام جي خودمخت??ار?? واري حقن جي حمايت گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ڪري.