راولپنڊي -01 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس ??ور?? منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 7 ڪارروائين ۾ 833 ڪل??گرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ر??ورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي خاتمي وارين ڪارروائين دوران باچ?? خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قطر ويندڙ مسافر کان 748 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. راولپنڊي ۾ ڪارگو آفيس مان آسٽريليا موڪلي ويندڙ پارسل مان 400 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. ماشخيل مان 460 ڪل??گرام آفيم هٿ ڪيو ويو. پشين روڊ ڪوئٽا ويجهو 319 ڪل??گرام آفيم هٿ ڪيو ويو. ڪراچي مان ڪنٽينر جي ڳجهن خانن مان 41 ڪل??گرام آئس هٿ ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو موٽر سائيڪل سوار کان 7 ڪل??گرام چرس هٿ ڪيو ويو. سيالڪوٽ ۾ سمبڙيال ويجهو جوابدار کان 4.8 ڪل??گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.