اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ريلوي واري اڳوڻي وفا??ي وزير ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ غلام احمد بلور ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پر??س ونگ موجب صدر ان موقعي تي چيو ته ملڪي مسئلن جي حل، سياسي ?? معاسي استحڪام جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين جو گڏ هلڻ ضروري آهي، اهم قومي معاملن تي سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ اتفاق راءِ لازمي آهي. غلام احمد بلور صدر آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.