لاڙڪاڻو – 21 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهي?? بينظير ڀٽو جمهوريت جي علامت هئي، محترمه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ پارٽي ۽ عوام لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي اها فخر جوڳي آهي، مون سياست شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان سکي، ان جو شاگرد آهيان. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، صدر هائوس نئون ديرو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 71 هين ??ال??رهه جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ??ال??رهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اسان شهيدن جي مشن کي پورو ڪنداسين. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.