اسلام آباد– 21 – جون (اي پي ??ي) صدر آصف علي زرداري ضلعي ڪرم ۾ ديسي بم حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي ل??ءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون جاري رهنديون. اي??ان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ ضلعي ڪرم ۾ بم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي کي ساراهيو. صدر دهشتگردي جي خاتمي جي ل??ءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار کي ساراهيو ۽ دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي صبر جميل جي د??ا ڪئي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ل??ءِ دعا پڻ ڪئي.