اسلا?? آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024ع جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏ??ي. ??رميمي بل جو مقصد ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز بابت قانونن ۾ ترميم آڻڻ آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ترميمي بل جي ذريعي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع جي سيڪشن 30 ڊي ڊي ڊي، 43 بي، 45 بي، 46 ۽ 47 ۾ ترميم ڪئي وئي آه??. ترميمي بل جي مدد سان وفاقي ايڪسائيز ايڪٽ 2005ع جي سيڪشن 29، 33، 34 ۽ 38 ۾ ترميم ڪئي وئي آه??. ترميمي بل جي ذريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 122 اي، 124، 126 اي، 130، 131، 132، 133 ۽ 134 اي ۾ ترميم ڪئي وئي آه??. ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024ع قومي اسيمبلي مان 29 اپريل تي پاس ٿيو هو. صدر ترميمي بل جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني.