ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ??نع??ن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪا??وباري برادري جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي ڪا??وباري برادري جي ترقي سان واڳيل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين بزنس مين گروپ محمد زبير موتي والا جي سربراهي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڪا??وباري برادري کي درپيش مختلف مسئلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي ڪا??وباري برادري جي ترقي سان واڳيل آهي، ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لازمي آهي جنهن ۾ ڪا??وباري برادري کي پنهنجي ڪم ۾ آساني ميسر هجي. هن چيو ته ملڪي واڌويجهه جي شرح ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي. هن ملڪي ??نع??ن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن جي تعاون سانملڪي ڪا??وباري برادري جي مسئلن جي حل ڳولڻ جي هدايت ڪئي. وفد حڪومت جي ڪاروبار دوستي پاليسين جي ڪري ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي 72000 پوائنٽس جي بلند ترين سطح عبور ڪ??ڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وفد وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو اهڙو وزيراعظم ڏٺو جيڪو ٻ??هر چونڊجڻ کانپوءِ ڪم اتان کان ئي شروع ڪري ٿو جتي ڇڏي ٿو ۽ ماضي ۾ کنيل قدمن تي عملدرآمد جي حڪمت عملي تي ڳالهه ڪري ٿو.