اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڙن ۾ 6 کان 8 اپريل تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هي سندس پهريون غيرملڪي دورو هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب دوري دوران پرڏيهي وزير ۽ دفاع و??ري وزير کانسوا??ِ اطلاعات ۽ نشريات، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارا وفاقي وزير پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم عمري جي ا??ائ??گي کانسواءِ مدينه المنوره ۾ مسجد نبوي ﷺ ۾ نماز ادا ڪندو. وزيراعظم جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات متوقع آهي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي ويندي. بيان موجب ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ۽ ثقافتي وابستگي تي آهن. پاڪستان جي عوام خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لا??ِ انتهائي احترام رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي قيادت ڀائرانن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪ??ري جي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.