اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي لاءِ عالمي ماهرن جي مدد ورتي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان قدمن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن شرڪت ڪئي ۽ تجويزون پيش ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي ترقي ۾ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار آهي، ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ملڪي معيش?? جي ترقي جي موجوده وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي جي لاڳو ٿيڻ سان معيش?? جي هر شعبي ۾ جدت کڻي اينداسين، نوجوانن کي ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ علم ۽ هنر جي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس کي ٻ??ايو ويو ته ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ عام ماڻهو جي انٽرنيٽ تائين پهچ ۾ اضافو، ڊيجيٽل ??نف??اسٽرڪچر جي بهتري، اي – گورننس، نوجوانن ۾ ڊيجيٽل اسڪلز جي پيشيواراڻي تربيت ۽ جدت ۽ ان شعبي ۾ ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وزيراعظم ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد جهانزيب، احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، راڻا مشهود خان، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.