ڪراچي-05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتي ظلمن کي روڪڻ لاءِ 8 فيبروريءَ تي پ پ جي ڪاميابي تمام ضروري آهي. هن يومِ يڪجهتي ڪش??ير جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ڪش??ير ڪاز کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 8 فيبروريءَ جي چونڊن ۾ پ پ جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائدِ عوام شهيد ڀٽو قائداعظم جي مؤقف کي اڳتي وڌايو. شهيد ڀٽو چيو هو ته جيڪڏهن اسان ڪش??ير خاطر هڪ هزار سال تائين جنگ وڙهنداسين ته به وڙهندا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو هر سال 5 فيبروريءَ تي يوم يڪجهتي ڪش??ير ملهائڻ جو ??ار??خي فيصلو ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ??ي هن فيصلي ڪش??ير ڪاز کي اڻ مٽ بڻائي ڇڏيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ??ي هن قدم جي گونج دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻُڌي وڃي ٿي.