ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي، ٽيڪنالاجي جي ش??بي ۾ ٿيندڙ ترقي مان دنيا جي هر خطي کي فائدو کڻڻ گهرجي، ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ نه ٿيڻ سان تڪرار وڌندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامس“ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران ??زي??اعظم چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي، ڊيجيٽل اڪانومي ايندڙ دور ۾ اهميت رکندڙ هوندي، منهنجي راءِ ۾ جيڪو معاملو حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها معاشي چٽاڀيٽي نه پر اسٽريٽجڪ چٽاڀيٽي آهي، اسٽريٽجڪ چٽاڀيٽي معاشي چٽاڀيٽي تي حاوي ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي ش??بي ۾ ايندڙ ترقي مان دنيا جي هر خطي کي فائدو کڻڻ گهرجي، سيڙپڪاري جي لاءِ نجي ش??بي جي حوصلا افزائي ضروري آهي، وقت سان گڏ مسئلن جو حل ضروري آهي. هن چيو ته تيز رفتار ترقي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻو پوندو، سڀني جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي برابر حاصل ڪرڻ يقيني هجڻ گهرجي، ان سان صحت جي خدمتن کان وٺي سماجي ش??بي تائين اثر پون ٿا، ٽيڪنالاجي جي صورت ۾ جڏهن اسٽريٽجڪ چٽاڀيٽي وڌي ٿي ته ان سان ترقي يافته 21 ??ين صديءَ ۾ سائنس جي ترقي مان وڌيڪ فائدو کڻندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ نه ٿيندي ته ان سان تڪرار وڌيڪ وڌندا، ان م??املي کي غور هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ سان م??املن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.