اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف سڀاڻي جمعي ڏينهن ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائيندا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين باب لکي?? ويو ان ڏينهن ڀارتي هٿياربند فوج سمورن عالمي اصول ۽ ضابطن ۽ قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندي واديءَ ڪشمير ۾ داخل ٿي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان، آزاد ڪشمير ۽ مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني شهداءِ ڪشمير کي خراج عقيدت پيش ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جلسا جلوس ڪڍيا ويندا جڏهن ته پاڪستاني سفارتخانن ۽ ٻين سفارتي مشنز جي اهت??ام هيٺ مختلف تقريبن ۽ سيمينارز جو اهت??ام ڪي?? ويندو جن ۾ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ڪشميرين جي خودمختياري ??ي حق لاءِ بي مثال قربانين کي اجاگر ۽ ڀارت جي هٿان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نقاب ڪي?? ويندو. پاڪستان خودمختياري ??ي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميري ??وام جي سدائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي.