اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغانستان جي شهر هرات ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين ??ي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم اي کي زلزلي متاثرين ??ي لاءِ فوري امداد رواني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي. ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي دل متاثر خاندانن جي لاءِ ڏکويل آ??ي. ??ن چيو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ افغانين ??ان گڏ بيٺل آهيون. نگران وزيراعظم چيو ته هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ امداد موڪلين. افغان حڪومت خصوصي طور تي ميڊيڪل ٽيم، فيلڊ اسپتال، 50 خيما ۽ 500 ڪمبل موڪلڻ جي درخواست ڪئي آ??ي. ??گران وزيراعظم جي هدايت تي سموريون درخواست ڪيل شيون اڄ امدادي سامان سان گڏ موڪليون پيون وڃن.