اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بي?? المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ ايندڙ هفتي قومي سطح تي بي?? المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان ۾ موجود اقليتن جو تحفظ رياست جي اولين فرضن جو حصو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ عبوري وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي جڙانوالا دوري کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ موجود اقليتن جو تحفظ رياست جي اولين فرضن جو حصو آهي. ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي سزا کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا ايندڙ هفتي قومي سطح تي بي?? المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ مختلف مذهبن جي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن کي گهرايو ويندو. ڪانفرنس پاڪستان ۾ بي?? المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ اه?? سنگ ميل ثابت ٿيندي. وفاقي ڪابينا ??اڻي واري وزارت جي سفارش تي مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ ديئت جي رقم جيڪا 30 هزار 630 گرام چانديءَ جي برابر هوندي آهي کي 67 لک 57 هزار 902 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو.