اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪامسٽيڪ نوبيل ف??سٽيول جي انتظامي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزهان ڪسٽافن به موجود هو. انتظامي ڪميٽي صدر کي قازقستان ۾ نوبل ف??سٽيول جي مقصدن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نوبل ف??سٽيول جو مقصد هر هڪ جي تعليم ۽ سائنس تائين پهچ آسان بڻائڻ آهي. نوبل ف??سٽيول ۾ نوبل انعام يافته ماڻهن، سائنسدانن ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا آهن. صدر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قازقستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي خصوصي اهميت ڏيون ٿا. پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطن جو قيام خوش آئنده آهي. صدر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائ?? جي لاءِ ڪامسٽيڪ جي ڪوششن کي ساراهيو.