اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪي??ٽن ڪرنل شير خان شهيد کي سندس 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي سدائين قرضدار رهندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون سم??ت سڄي قوم ڪي??ٽن ڪرنل شير خان شهيد کي ان جي 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، تاريخ گواهه آهي ته قومن جو وجود، ترقي ۽ بقاءِ شهيدن جي مقدس رت جي ٿورائتي آهي. ڪي??ٽن ڪرنل شير خان شهيد بهادري جو مثال هو، جنهن ملڪ جي دفاع لاءِ لازوال جرئت جو مظاهرو ڪي??. پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي سدائين قرضدار رهندي ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي رهندي.