اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعق?? ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪن??و. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ايس سي او جي سرب??اه?? اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڀارت جي وزيراعظم ايس سي او جي موجوده سرب??اه?? جي حيثيت سان ڏني آهي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو اعليٰ ترين فورم آهي، ان ۾ شرڪت ڪن??ڙ اڳواڻ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور فڪر ڪن??ا ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو خاڪو ٺاهيندا. بيان موجب هن سال ايس سي او سرب??اه?? اجلاس تنظيم جي نئين ميمبر طور ايران جي آجيان ڪن??و. بيان موجب سرب??اه?? اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي هڪ اهم فورم طور اهميت ڏي ٿو ۽ خطي سان رابطن کي وڌائي ٿو.