اسلام آباد – 02 – مئ?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سوڊان ۾ ڦاٿل 1000 کان وڌيڪ پاڪستانين کي ڪامياب ۽ محفوظ طريقي سان ڪڍڻ جي لاءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس جي ٽيم ۽ ٻين ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اتان جي حالتن جي ڏس ۾ اهو يقينن هڪ مشڪل ڪم هو جيڪو وقت سر ۽ ٺوس ??دمن جي ڪري ئي ممڪن ٿيو آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستانين جي وطن واپسي جي مشن کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ت?? سعودي عرب ۽ چين جا ٿورائتا آهيون.