اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ قومي ر??ند??ن جي مقابلن جو انعقاد پاڪستاني ??وم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي، هي ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪستاني بهادر ??وم مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هن پاڪستان جي 34 هين ر??ند??ن جي قومي مقابلن جو افتتاح ڪيو، ڪوئيٽا ۾ 19 سالن کانپوءِ اهي ر??ند??ون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته منهنجي لاءِ اها اعزاز ج?? ڳالهه آهي ته انهن ر??ند??ن جو افتتاح قائداع??م محمد علي جناح 1948ع ۾ ڪيو هو ۽ اڄ مون کي بطور خادم پاڪستان انهن ر??ند??ن جي شروعات ڪرڻ جو موقعو مليو، اڄ جو ڏينهن ان لاءِ به انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته انهن ر??ند??ن جو انعقاد پاڪستاني ??وم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ مان آيل 6000 ر??ند??گرن سان ڀريل ايوب اسٽيڊيم ستارن جي هڪ ڪهڪشان جو منظر پيش ڪري رهيو هو، مون کي اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي ته انهن مقابلن ۾ عورت ر??ند??گرن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جون باصلاحيتون عورتون ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان ڪنهن به طرح پٺتي نه آهن. هن چيو ته انهن ر??ند??ن جو انعقاد ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪستاني ??وم هڪ بهادر ??وم آهي جيڪا مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي.