اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 16 مئي تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ۽ راولپنڊي ۾ انشورنس ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي فوري طور تي عوام تائين پهچايو وڃي، گهرو وزارت ۽ ضلعي انتظاميا ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائي ۽ ناجائز منافعي خورن جي خلاف سختي سان ??يڪشن ورتو وڃي، وزيراعظم چيو ته ايران ??ان گهٽ لاڳت بجلي جي درآمد سان ??لوچستان ??ي ڏورانهن علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، ”روڊ ٽو مڪه“ منصوبي سان پاڪستاني حاجين کي بهترين سهولتون ملنديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراع??م هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن کي ايران ??ي دوري تي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي آجيان ڪندي وزيراعظم انهن کي پنهنجي گذريل ڏينهن جي پاڪ ايران ??رحد جي دوري بابت تفصيلن کان ??گاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايراني صدر جي ذاتي دلچسپي ۽ وزيراعظم جي ذاتي نگراني ۾ ايران کان 100 ميگاواٽ سستي بجلي جي درآمد جو منصوبو گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿيو جيڪو وڏي عرصي کان ??لتوا جو شڪار هو، ان منصوبي سان ڏکڻ بلوچستان ??اص طور تي گوادر ۾ بجلي جي پهچ يقيني بڻائي وئي آهي، ان منصوبي سان ??لوچستان ??ي پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، اهڙي طرح ”مند پشين بارڊر مارڪيٽ“ جو پڻ افتتاح ڪيو جنهن سان پاڪ ايران ??رحد جي ٻنهي طرفن جي رهواسين جي لاءِ ڪاروبار ۽ روزگار جا نوان موقعا ميسر ٿيندا ۽ ترقي جو نئون سفر شروع ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ايراني صدر پاڪ ايران واپار جي گڏيل فروغ ۾ پڻ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان کانس??اء?? زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ شمسي توانائي جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايران ??و دورو ڪندو ته جيئن انهن معاملن تي ٺوس اڳڀرائي ٿئي. وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن 900 ميل ڊگهي سرحد تي سرحد پار دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ۽ سيڪيورٽي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. وزيراعظم ايراني صدر کي پاڪستان ??ي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪئي. وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي سعودي عرب سان ??ڱاري ڏينهن صحيحون ڪيل ”روڊ ٽو مڪه“ معاهدي جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪستاني حاجين جو وڏو انگ فائدو کڻي سگهندو. ان معاهدي تحت اسلام آباد ايئرپورٽ تان 26143 پاڪستاني حاجين جي اميگريشن جو عمل اسلام آباد ايئرپورٽ تي ئي ٿيندو ۽ اهي سعودي ايئرپورٽ تي ڊگهي انتظار کان ??چي ويندا. ان معاهدي تي عملدرآمد ڪالهه کان ??روع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته سعودي حڪومت جي معاونت سان ??يندڙ سال لاهور ۽ ڪراچي کان ??ه ويندڙ حاجين کي اها سهولت ملي سگهندي. وزيراعظم چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي فوري طور تي عوام تائين پهچايو وڃي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اٽڪل 11 سيڪڙو گهٽتائي جي تناسب سان ڪراين ۽ ضرورت ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته گهرو وزارت ۽ سڄي ملڪ ۾ ضلعي انتظاميا ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يقيني بڻائي، ناجائز منافعي خورن جي خلاف سختي سان ??يڪشن کنيو وڃي. وفاقي ڪابينا راولپنڊي ۾ انشورنس ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان نئين ٽربيونل تي ڪي اضافي خرچ ٿيندا پر موجوده احتساب عدالت نمبر 4 کي انشورنس ٽربيونل ۾ تبديل ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 11 مئي 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي.