لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو آهي ته اهي تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پن??نجو ڪردار ادا ڪن، دولت مشترڪه جي ملڪ?? جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پورو ٿي سگهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻ?? جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پن??نجي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته بادشاهه چارلس ٽي جي تاج پوشي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم ??ڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي دولت مشترڪه تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پن??نجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته دولت مشترڪه جي ملڪ?? جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پورو ٿي سگهي. وزيراعظم پاڪستاني نوجوانن ۽ هنرمندن کي بهترين موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پن??نجي ح??ومت جي عزم جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته ان جي ح??ومت عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهي آهي ۽ پٺتي پيل طبقو جهڙوڪ مذهبي ۽ نسلي اقليتن، معذور ماڻهن ۽ ٽرانسجينڊر ڪميونٽي کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي رهي آهي.