اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري دانشور استاد، ڊراما نگار ۽ شاعر فيض احمد فيض جي ناٺيءَ شع??ب هاشمي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪ??و آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شع??ب هاشمي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، مرحوم پي ٽي وي جي شروعاتي دور جي پروگرامن جو ??الق هو. شع??ب هاشمي جا پي ٽي وي پروگرام اڪڙ بڪڙ، سچ گپ، ٽال مٽول تمام گهڻا مشهور ٿيا. مرحوم جي تدريس جي شعبي سميت شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو ??ظهار ڪ??دي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو عطا فرمائي.