اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ بابت اختيار انساني حقن واري وزارت کي ڏئي ڇڏيا هئا، اسان حڪومت سنڀاليندي ئي ڪابينا ۽ پارليامينٽ جي منظوري سان اهو اختيار واپس اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ڏياريو آهي، اسان ڪنهن صحافي جي خلاف پيڪا قانون تحت ڪيس ناهن ٺاهيا. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڳالهائي رهي هئي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. صحافت جي آزادي جي حوالي سان معامل?? تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. سينيٽر فيصل جاويد جي ميڊيا جي خلاف ڪيسن ۽ انتقامي ڪاررواين جي شڪايت تي سينيٽر عرفان صديقي ۽ سينيٽر وقار مهدي تجويز ڏني ته ميڊيا مالڪن کي گهرائي اڳوڻي ۽ موجوده دور ۾ صحافت جي آزادي جي ڀيٽ ڪرائي وٺون ٿا ته ڪهڙي دور ۾ ڇا ٿيو؟ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اڳوڻي ۽ موجوده دور جي پوري ڪهاڻي ڪميٽي ۾ اچڻ گهرجي، آئون ته پاڻ اڳوڻي حڪومت جي انتقامي ڪارروائي جو ثبوت ويٺو آهيان، مير شڪيل الرحمان ۽ ٻين ميڊيا پرسنز کي پڻ گهرايو، انهن کان پڇو گذريل چار سال ۾ ڇا ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد پيمرا چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته خاطري ڪرايو عمران خان جي تقرير سمورن چينلز تي نشر ٿيندي. ڪميٽي ميمبرن ان تي اعتراض ڪيو ۽ ٽهڪ لڳائيندي چيو ته پرائيويٽ ميڊيا کي پيمرا چيئرمين اهو ڪيئن چئي سگهي ٿو. پيمرا چيئرمين سليم بيگ چيو ته پيمرا ڪنهن سياسي پارٽي جي سربراهه جي تقرير ڏيکارڻ جي لاءِ چينلز کي نه ٿو چئي سگهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو ته هڪ سال ۾ ڪو چينل بند ناهي ٿيو نه ئي ڪو پروگرام، هڪ سال ۾ ڪنهن جي نڪ جي هڏي ناهي ٽوڙي، نه پاسراٽيُون ٽوڙيون. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ميڊيا سان زيادتيون ٿي رهيون آهن، چينل بند ٿي رهيا آهن، جنهن تي اطلاعات واري وزير سوال ڪيو ته ٻڌايو ڪهڙو چينل بند ٿيو آهي، ان سوال تي سينيٽر فيصل جاويد لاجواب ٿي ويو. اطلاعات واري وزير ڪميٽي چيئرمين کي مخاطب ڪندي چيو ته حقيقتون ۽ انگ اکر آڻيو پوءِ ڳالهه ڪريو، اسان ڪنهن صحافي جي خلاف پيڪا قانون تحت ڪيس ناهن ٺاهيا. وفاقي وزير مريم او??نگ??يب سوال اٿاريو ته نواز شريف تي پابندي ڪنهن هنئي هئي؟ عرفان صديقي کي اڌ رات جو ڪنهن گرفتار ڪيو هو؟ هن چيو ته هي گذريل چار سالن وارو ڪارو دور نه آهي، جتي پروگرام، ڪالم ۽ چينل بند ڪيا ويندا هئا، ميڊيا جي آزاد?? تي مڪمل يقين ئي نه ٿا ر??ون ان تي عمل به ڪريون ٿا. سينيٽر سيد وقار مهدي چيو ته ري??يو پاڪستان جي ملازمن جي بيواهن جي پينشن جي 20 رمضان تائين ادائيگي جو واعدو ڪيو ويو هو جنهن تي ڊي جي ريڊيو پاڪستان طاهر حسن چيو ته رقم جو بندوبست ٿي ويو آهي، پينشنرز جي بيواهن کي سڀاڻي رقم ادا ڪئي ويندي. وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو ته گذريل حڪومت ري??يو پاڪستان جي پرائيويٽ بزنس جو عمل شروع ڪيو هو، منصوبو رڳو ڪاغذن ۾ هو، عملي ڪم نه ٿيو هو، اسان ري??يو بزنس پلان ج?? تياري جي شروعات ڪئي، ڊي جي ريڊيو هڪ پلان تيار ڪري ورتو آهي پر اڃا وزارت کي باضابطا پيش ناهي ٿيو، ري??يو پاڪستان کي زمين جي وڪري يا پرائيويٽ شعبي کي ڏيڻ جي ڪا اجازت ناهي ڏني وئي. هن چيو ته ري??يو جي زمين تي سئنيما ٺاهڻ جي تجويز جو جائزو وٺڻ جو چيو هو ته جيئن ري??يو جي آمدني ٿي سگهي، پي ٽي وي ۽ ري??يو جا رپورٽرز پرائيويٽ ميڊيا وانگر هاڻي فيلڊ ۾ نظر ايندا. هن چيو ته اسٽيٽ آف دي آرٽ چار پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز ري??يو ۾ تيار ٿي چڪا اهن. اطلاعات واري وزير ڪميٽي ميمبرن کي ري??يو جي دوري ۽ پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز جي معائني جي دعوت پڻ ڏني. پيمرا چيئرمين سليم بيگ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصل?? تي مڪمل عملدرآمد ٿيو آهي، ميڊيا جي ايڊيٽوريل ججمنٽ تي اسان جو اختيار نه آهي، عمران خان جي تقرير ڏيکارڻ يا نه ڏيکارڻ جو فيصلو چينلز پاڻ ڪندا آهن، پيمرا ڪا پابندي ناهي لڳائي.