اسلام آب??د ?? 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي برادري کي موسمياتي تباهي، ڪورونا وبا، سخت معاشي حالتن ۽ وڌندڙ جاگرافيائي س??اسي ڇڪتاڻ سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ سفارتي ڪور جي اعزاز ۾ ڏنل بين المذاهب افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. افطار ڊنر ۾ اسلام آباد ۾ رهندڙ سفيرن، هاءِ ڪمشنرز ۽ مختلف ملڪن جي مشنز جي سربراهن شرڪت ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پرڏيهي س??ڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن پڻ افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مهمانن کي رمضان المبارڪ جي برڪتن واري مهين?? جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي تباهين جي س??گين نتيجن ۽ ڪورونا وبا جي ڏس ۾ معاشي چئلينجز درپيش آهن. پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت وٽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جو اهم ڪم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان کي گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ معاشي مشڪلاتن سان گڏوگڏ ٻوڏ سٽيلن جي مڪمل بحالي جو وڏو چئلينج درپيش آهي، حڪومت جي اولين ترجيح غريبن ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته ملڪ هن وقت مشڪل معاشي حالتن مان گذري رهيو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت مستحقين کي ريليف فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري پاڪستان سميت مختلف ملڪن کي معاشي مسئلا درپيش رهيا، پاڪستان کي به ٻين ملڪن وانگر مختلف چئلينجز درپيش آهن. پرڏيهي وزير تازي ٻوڏ دوران پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين عطا جان مولاموف پڻ خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ عالمي امن ۽ هم آهنگ?? جي لاءِ بين المذاهب رابط?? جي اهميت تي زور ??نو. هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان کي هاءِ رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍيو آه?? جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي. هن رمضان المبارڪ جي مقدس مهين?? جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. سفارتي ڪور جي ميمبرن بين المذاهب هم آهنگ?? جي تصور سان افطار ڊنر منعقد ڪرڻ تي پرڏيهي وزارت جي قدم کي ساراهيو. افطار ڊنر ۾ پرڏيهي وزارت جي س??نيئر آفيسرن ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.