اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وز??را??ظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل تي صدارتي ريفرنس تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ فل ڪورٽ کي ويهي ??هو فيصلو ڪرڻ گهرجي. وز??را??ظم چيو ته شهيد ??ٽو جي حوالي سان پوري دنيا کي خبر آهي ته ??هو هڪ عدالتي قتل هو، فيصلو ڪندڙن ۾ هڪ جج بعد ۾ پنهنجي ياداشتن ۾ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو. وز??را??ظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جي بانين مان هو ۽ اها ملڪ جي تاريخي خدمت هئي جنهن کي ياد رکيو ويندو. وز??را??ظم چيو ته هي ڪهڙو تاريخ جو جبر آهي جو اڄ 4 اپريل آهي ۽ شهيد ??ٽو جو جوڊيشل مرڊر انهي تاريخ تي ٿيو. وز??را??ظم چيو ته اڄ ئي اليڪشن جي حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر 4 اپريل تي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.